لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ملڪ احمد خان چيو آهي ته راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر جو بيان 9 مئي سانحي جو ٻيو حصو آهي، اهي ملڪ ۾ باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ احمد خان چيو ته 9 مئي جي ذميوارن ڪو سبق نه سکيو، ٻاهرئين ملڪ مان پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان رٽرننگ آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن خلاف مهم هلائي پئي وڃي، انهن جي سازش ۽ ملڪ دشمن مهم بيهڻ جو نالو نه پئي وٺي.
سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي آر اوز جون تصويرون لڳائڻ مذمت جوڳو آهي، نگران حڪومت بي بنياد ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، جيڪڏهن وقت سر ڪارروائي نه ڪئي وئي ته صورتحال هٿن مان نڪري ويندي.
You might also like