هر سال لکين گڏهه ڇو ٿا ماريا وڃن؟

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ گڏهه جي کَلَ مان هڪ خاص قسم جو جليٽن (ايجيائو) تيار ڪيو ويندو آهي جنهن کي روايتي دوائن ۾ جُز جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب چين ۾ گڏهه جي کَلَ جو استعمال ڪري تيار ڪيو ويندڙ جليٽن ۾ صحت وڌائيندڙ ۽ نوجوانن جي واڌ ويجهه محفوظ رکندڙ خاصيتون آهن، جليٽن ڪڍڻ لاءِ گڏهه جي کَلَ کي اٻاري پائوڊر، گوريون يا پيسٽ ٺاهيو ويندو آهي يا کاڌي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.

هڪ نئين رپورٽ ۾ اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته عالمي سطح تي هر سال گھٽ ۾ گھٽ 5.9 ملين گڏهن کي ذبح ڪيو ويندو آهي ۽ ان حوالي سان هڪ فلاحي اداري جو چوڻ آهي ته ڏينهون ڏينهن ان جي گھرج وڌندي پئي وڃي.

ايجيائو وڏي پيماني تي مشهور ۽ سولائي سان ملندڙ شين ۾ تبديل ٿي ويو آهي پر ايجيائو انڊسٽري کي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪيترا گڏهه ماريا ويندا اهن ان جي درست انگ بابت ٻڌائڻ ڏکيو آهي.

چين جي زراعت ۽ ڳوٺاڻن معاملن واري وزارت موجب ملڪ ۾ گڏهن جو انگ 1990 ۾ 1 ڪروڙ 10 لک کان گھٽجي 2021 ۾ رڳو 20 لک بچيو آهي.

ٻي پاسي چيني ڪمپنين ملڪ کان ٻاهران جانورن جي کَل جا وسيلا ڳوليا ۽ آفريقا، ڏکڻ آمريڪا ۽ ايشيا جي ڪجهه حصن ۾ گڏهن جا ذبح خانا قائم ڪيا جنهن کان پوءِ آفريقا ۾ ان جي ڪري واپار تي نئين جنگ شروع ٿي وئي.

ايٿوپيا ۾ گڏهه جي گوشت جو استعمال منع آهي ۽ 2017ع ۾ عوامي احتجاج ۽ سوشل ميڊيا تي گوڙ کان پوءِ ملڪ ۾ موجود ٻن مان هڪ ذبح خاني کي بند ڪيو ويو هو.

پرڏيهي ميڊيا موجب تنزانيا ۽ آئيوري ڪوسٽ سوڌو ڪيترن ئي ملڪن 2022ع ۾ گڏهه جي کَلن ۽ برآمدات تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي پر پاڪستان ان واپاري کي قبول ڪري ٿو.

پاڪستان جي ميڊيا رپورٽن موجب گذريل سال جي آخر ۾ گڏنن جي ڪجهه بهترين نسلن جي پالڻا لاءِ ملڪ ۾ پهرين گڏهن جي فارم جو اعلان ڪيو ويو هو.

يونيورسٽي آف سڊني سان واسطو رکندڙ اسڪالر پروفيسر لارين جانسٽن موجب چين ۾ ايجيائو مارڪيٽ 2013ع ۾ تقريبن 2.5 بلين ڊالرن کان وڌي 2020ع ۾ تقريبن 7.8 بلين ڊالرن تائين پهچي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.