لکت ۾ هدايتن سان وڊيو ٺاهيندڙ ٽول متعارف

چيٽ جي پي ٽي تيار ڪندڙ ڪمپني اوپن اي آءِ لکت ۾ هدايتن سان وڊيو ٺاهيندڙ ٽول متعارف ڪرائي ڇڏيو.

اوپن اي آءِ هڪ ڀيرو وري ڊجيٽل دنيا ۾ انقلابي برپا ڪري ڇڏيو آحي ڇو جو ان مواد جي تخليق جي منظر ناکي کي نئين شڪل ڏئي ڇڏي آهي.

اوپن اي آ3 سورا (Sora) نالي اي آ3 ٽول متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن جي مدد سان واهپيدار لکت ۾ هدايتن سان وڊيو ٺاهي سگھندا.

اوپن اي آءِ تازو ئي باضابطا طور تي پنهنجي تازي ٽول، سورا (Sora) عوام آڏو متعارف ڪرايو جنهن ۾ ٽيڪسٽ (لکت ۾ هدايتن) جي ذريعي سولائي سان ڪنهن به قسم جي وڊيو تخليق ڪري سگھجي ٿي.

ان جو مطلب اهو آهي ته واهپيدار هاڻي لکت ۾ مواد سان سڌي ريت وڊيو مواد تيار ڪري سگھن ٿا جيڪي ڊجيٽل دنيا ۾ مواد تخليق کي يقين نه ڪرڻ جوڳين بلندين تي وٺي ويندو.

سورا هڪ اي آءِ ماڊل آهي جيڪو ٽيڪسٽ هدايتن سان حقيقت پسنداڻي ۽ تخليقي منظر ٻڌائي سگھي ٿو. سورا لکت ۾ اساري کي هڪ منٽ جي وڊيوز ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڀلي اُهي سمنڊ جي لهرن جي پار موٽرسائيڪل تي سوار ڪُميءَ جي تصوير هجي يا جبل تي پوڊ ڪاسٽ ۾ مشغول ڪتن جو، سورا بي مثال حقيقت پسندي سان تخليق کي زندهه ڪري ٿو.

اوپن آءِ جي سي اي او سيم آلٽ مين سوشل ميڊيا تي سورا جو استعمال ڪندي لکت ۾ هدايتن جي ذريعي تيار ڪيل وڊيو جي هڪ سيريز به جاري ڪئي.

ان اعلان سان اي آءِ استعمال ڪندڙن ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.