مون کي حڪومت جا آخري ٻه سال وزيراعظم بڻجڻ جي آڇ ٿي پر انڪار ڪري ڇڏيو: بلاول ڀٽو زرداري

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ”پاور شيئرنگ فارمولو“ رد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته مون کي چيو ويو پهريان 3 سال اسان ۽ پوءِ 2 سال توهان وزيراعظم بڻجو، مان انڪار ڪري ڇڏيو، اهڙي طريقي سان وزيراعظم نه بڻجندس.
عام چونڊن ۾ ڪاميابي جو جشن ملهائڻ لاءِ ٺٽي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان ائين وزيراعظم نٿو بڻجڻ چاهيان، جيڪڏهن عوام چونڊي ته بڻجندس، ڪيترائي سياستدان عمر ۾ ته مون کان وڏا آهن پر اهي عوام جو نه پنهنجو سوچيندا آهن، جنهن جو نقصان سڄي ملڪ ۽ عوام کي ٿي رهيو آهي، ٿيڻ ائين گهرجي ته سموريون سياسي جماعتون ۽ سياستدان عوام جي مفاد ۾ سوچين.
هن چيو ته هارائيندڙ به احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ کٽيندڙ به احتجاج ڪري رهيا آهن، مان ان ڪري چونڊون نه وڙهيون ته اسلام آباد جي ڪرسي تي ويهان، مان ان ڪري چونڊ وڙهيس، ڇو ته عوام تڪليف ۾ آهي، عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته چئني صوبن جي زنجير پ پ آهي.
سندس چوڻ هو ته مون وٽ اهڙا به فارم 45 آهن، جنهن موجب پ پ اميدوار کٽيا آهن پر ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم اميدوارن جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ويو، ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي بحران آهي، معاشري کي ورهايو ويو آهي، پ پ فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ لڳل باهه وسائڻي آهي، پاڪستان کي بچائڻ جو وقت اچي ويو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اچو، اسان سان گڏ ويهي ڳالهيون ڪيو، شڪايتون ختم ڪيو، وفاق ۽ جمهوريت کي خطرو ٿيو ته ڪارڪنن کي نڪرڻ جو سڏ ڏيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.