ڪوئيٽا: ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ٻن مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
ڪوئيٽا ۾ ايئرپورٽ روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس موجب لسٻيلا ۾ به حادثو پيش آيو، اوٿل ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي 2 بسن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ زخمين کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.