ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ رات کان تيز هوائون هلڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب صوبي ۾ هوائن جي رفتار 50 کان 60 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي سگهي ٿي.
موسميات کاتي چيو ته اڄ رات کان ايندڙ 36 کان 48 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ تيز هوائون گهلي سگهن ٿيون.
موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪو مينهن وسڻ جو پڻ امڪان آهي.
Next Post
You might also like