ڪمشنر جي الزامن تي چيف جسٽس کي وضاحت نه ڪرڻ گهرجي ها: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته راولپنڊي جي ڪمشنر جي الزامن تي چيف جسٽس کي وضاحت نه ڪرڻ گهرجي ها، معاملو سولو آهي، راولپنڊي جا سڀ بيلٽ باڪس کوليا وڃن.
پنهنجي بيان ۾ خورشيد احمد شاهه چيو ته ڪراچي ۾ پ پ جي اميدوارن سان به ڌانڌلي ٿي آهي پر اسان جمهوريت لاءِ چپ رهياسين، ڪجهه ماڻهو اليڪشن جي نتيجن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته پير پاڳارو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي، جڏهن حڪومت سازي آخري مرحلي ۾ هئي، ان وقت اهو سلسلو شروع ڪيو ويو، جيڪو غير مناسب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.