سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته سياسي استحڪام لاءِ اسان کي اپوزيشن ۾ ويهڻو پيو ته ويهنداسين.
سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان جي معيشت جي بحالي جو سولو نسخو آهي، هتي ٽيڪس، گيس ۽ بجلي جي چوري آهي، ان کي روڪيو وڃي ته معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي.
هن چيو ته ريٽيل سيڪٽر ٽيڪس ناهي ڏيندو، سمگلنگ ٿيندي آهي، ايف بي آر جا آفيسر ارب پتي آهن، سڀني کي خبر آهي ته بيماري ڪهڙي آهي.
سندس چوڻ هو ته هتي 87 سيڪڙو بجلي چوري ٿيندي آهي، جيڪا 9 سئو ارب رپيا ٿئي ٿي.
You might also like