يونان ۾ هم جنس پرستن جي شادي قانوني قرار

ايٿنز (ويب ڊيسڪ) يونان به هم جنسي پرستن جي شادي کي قانوني حيثيت ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يونان جي پارليامينٽ گذريل ڏينهن هم جنس پرستن جي پاڻ ۾ شادي کي قانوني قرار ڏيڻ جو بل منظور ڪيو، بل جي حمايت ۾ 300 مان 176 قانون سازن ووٽ وڌا جڏهن ته 76 پارليامينٽ ميمبرن ان بل جي مخالفت ڪئي.
يونان هم جنسي پرستن جي شادي کي قانوني حيثيت ڏيندڙ پهريون عيسائي آرٿوڊوڪس ملڪ بڻجي ويو آهي ۽ ان حوالي سان آرٿوڊوڪس چرچ جي سربراهه آرچ بشپ ايرونيموس چيو ته پارليامينٽ جو اهو قدم ملڪ جي سماجي هم آهنگي کي خراب ڪري ڇڏيندو.
ٻي پاسي يوناني وزيراعظم مٽسوٽاڪس قانون جي منطوري تي چيو ته نئون قانون دليري سان اڻ برابري کي ختم ڪري ڇڏيندو، جن ماڻهن کي نظر انداز ڪيو پئي ويو هاڻي انهن کي اسان سان گڏ ڏسي سگھبو، ان نئين قانون اسان جي ڪيترن ئي ساٿين جون زندگيون بهتر ڪري ڇڏيون آهن.
واضح رهي ته يورپين يونين ۾ 27 ملڪن مان 15 اڳ ئي هم جنسي پرستن جي پاڻ ۾ شادي کي قانوني حيثيت ڏئي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.