لاهور(عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سياسي فيصلا ڪرڻ جي بدران اڃان به جادو ٽوڻي ۾ يقين رکي ٿو. 2018ع ۾ بشريٰ بي بي کيس ٻڌايو ھو ته جن ماڻھن جو نالو عين سان شروع ٿيندو ھجي انھن کي پنھنجي ڪابينا ۾ اھم عھدن تي رک، جنھن کان پوءِ عمران خان وزيراعظم، صدر عارف علوي، پنجاب جو وزيراعلي عثمان بوزدار ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل بڻيا. سينئير صحافي ۽ تجزئي نگار امداد سومري چيو آھي ته عمران خان ھاڻ به زميني ۽ سياسي حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪرڻ جي بدران جادو ٽوڻي تي ڀاڙي رھيو آھي ۽ ھاڻ به آزمايل ٽوٽڪو ٻيھر آزمائڻ لاءِ ھن وزارت اعظمي لاءِ عمر ايوب، خيبرپختوخواه جي وڏ وزارت لاءِ علي امين گنڊاپوري ۽ خيبرپختوخواه لاءِ عاقب الله جا نالا تجويز ڪيا آھن. امداد سومري وڌيڪ اھو به چيو ته جڏھن پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ حڪومت سازي لاءِ ٿيندڙ ڳالھيون گھڻي ڀاڱي مڪمل ٿي چڪيون آھن ته تڏھن عمران خان ھڪ وڏو يوٽرن ورتو ۽ پارٽي اڳواڻن کي پ پ قيادت سان ڳالھين جي اجازت ڏني، ڇو ته ھو سمجھي ٿو ته مسلم ليگ (ن ) جي حڪومت اچڻ کان پوءِ ان لاءِ تڪليفون وڌنديون ۽ سندس قيد به ڊگھي ٿي سگھي ٿي.
نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 16 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي