پاڳاري لاءِ عزت آهي، جي ڊي اي وارا بدمعاشي ڪري ڌرڻا پيا هڻن:شازيا مري

ڪراچي (رپورٽر ) پيپلز پارٽي جي نئين چونڊيل ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته   پير پاڳاري لاءِ عزت آهي پر کيس استعمال ڪيو ويو آهي،  کيس اهڙي ٽولي مان جان آجي ڪرائڻ گهرجي، پ پ ڌرڻن جي سياست ڪري ملڪ کي نقصان نه ٿي پهچائڻ چاهي، بلاول هائوس ۾ ايم پي اي جميل سومرو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي نالي جو اعلان جلد ڪيو ويندو ، جلد خبر پوندي ته ايندڙ وڏو وزير جيالو هوندو يا جيالي هوندي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان وٽ ايترا ميمبر ناهن جو پنهنجو  وزيراعظم بڻائي سگهون هن چيوته ڪراچي ۾ تمام گهڻيون زيادتيون ٿيون آهن، جن وٽ هڪ سال اڳ پولنگ ايجنٽ نه هيا اوچتو انهن جي حق ۾ فيصلا اچي ويا، اسان نفرت جي سياست نه ڪنداسين، نه وري روڊن تي اينداسين هن چيو ته جي ڊي اي مون سان مقابلي لاءِ هڪ عورت دشمن ۽ اقليت دشمن اميدوار کي ميدان ۾ لاٿو، هن چيو ته بدين ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڌمڪيون ڏنيون ۽ هڪ ڪارڪن کي ٿڦڙون هنيون جنهن جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، ٿر ۾ ارباب رحيم ڌانڌلي ڪئي ۽ پاڻ سان هٿياربند وٺي آيو، اليڪشن ۾ بدمعاشي به جي ڊي اي ڪئي ۽ هاڻي روڊن کي بند به جي ڊي اي پئي ڪري، جي ڊي اي  وارن  چيو ته اسان پيپلزپارٽي سان اتحاد ڪنداسين پر اسان کي 10 سيٽون ڏنيون وڃن،پر اسان وٽ فرمائشي پروگرام نه هلندو  آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ن ليگ ۽ جي يو آئي جو ووٽ بينڪ ئي ناهي، ميڊيا وسيلي خبر پئي آهي ته پي ٽي آئي سربراہ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، پيپلزپارٽي جيڪا ان بابت ڪميٽي ٺاهي آهي اها ڳالهيون ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.