لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ طرفان آئيني عهدن لاءِ ن ليگ سان ڊيل نه ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پ پ ٽئي عهدا پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي، جنهن لاءِ صدر، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر لاءِ پنهنجا اميدوار آندا ويندا.
هوڏانهن ن ليگ قائد نواز شريف وزيراعظم لاءِ شهباز شريف کي نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته پنجاب جي وزير اعليٰ جي اميدوار مريم نواز هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ شموليت لاءِ حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن جون ڪميٽيون فيصلو ڪنديون، پ پ قيادت جو موقف آهي ته پهرئين مرحلي ۾ پ پ وفاقي ڪابينا جو حصو نه بڻجندي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ پ پ ڪابينا جو حصو بڻجي سگهي ٿي.
You might also like