لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز هوندي.
اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت جي رهائشگاهه تي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ شهباز شريف اهو اعلان ڪيو.
هن چيو ته پارٽي ۽ نواز شريف جي مشاورت سان وزيراعليٰ جي اميدوار مريم نواز هوندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پ پ ۽ پنجاب ۾ ن ليگ کي اڪثريت حاصل آهي.
شهباز شريف چيو ته اسان جو اميدوار نواز شريف آهي، کيس درخواست ڪندس ته وزيراعظم جو عهدو قبول ڪري.