جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ مقامي ڪلب جي ميچ دوران وِڄَ رانديگر تي ڪري پئي جنهن سبب فٽبالر فوت ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽس موجب اولهه جاوا جي علائقي بندونگ ۾ گذريل ڏينهن مقامي ڪلبز وچ ۾ دوستاڻي ميچ دوران رانديگر تي وڄ ڪرڻ جو واقعو پيش آيو.
واقعي جي وڊيو به سامهون آئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ميچ دوران اوچتو رانديگر تي وِڄَ ڪري ٿي ۽ هو اتي ئي ڪري پوي ٿو.
آسماني وڄ جي وڪڙ ۾ ايندڙ فٽبالر کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو نه بچي سگھيو.
35 ورهين جي فٽبالر جي سڃاڻپ سبطين جي نالي سان ٿي آهي.
Prev Post
You might also like