زرداري جو فرزند موروثي سياست زندهه رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ترجمان چيو آهي ته زرداري جو پٽ پنهنجي خانداني ۽ موروثي سياست کي زندهه رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته پي ڊي ايم جي پرزن عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ نئون ناٽڪ شروع ڪري ڇڏيو.
هن چيو زرداري جي فرزند جي سوچ جمهوري هجي ها ته جاتي امرا وارن جي حمايت نه ڪري ها، عوامي مينڊيٽ تسليم ڪرڻ جي حوالي سان زرداري جي فرزند جي جماعت ڪاري تاريخ رکي ٿي.
پي ٽي آءِ ترجمان موجب پ پ ۽ ن ليگ هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، پ پ ۽ ن ليگ معيشت جي تباهي جون ذميوار آهن، حڪومت سازي يا اپوزيشن جي معاملي ۾ پي ٽي آءِ اڪثريتي مينڊيٽ رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.