سريلنڪا ۾ عام چونڊن جو اعلان

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) بدترين معاشي ۽ سياسي بحران جو شڪار سريلنڪا ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويو آهي، چونڊون ايندڙ سال ٿينديون.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب سريلنڪن وزيراعظم جي آفيس پاران بيان جاري ڪيو ويو آهي.
صدر جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سريلنڪا جون عام چونڊون 2025ع ۾ ٿينديون ۽ چونڊن لاءِ مالياتي اتنظام ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ فراهم ڪيا ويندا.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صدارتي چونڊون مقرر مدي جي اندر ڪرايون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.