ڪوٽڏيجي ۾ انسانيت کي صدمو ڏيندڙ واقعو: ٻالڪ سان انصاف ٿيندو؟

ڪوٽڏيجي: (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڏيجي ۾ انسانيت کي صدمو ڏيندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي هڪ معصوم ٻالڪ کي ڪهي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش فصل ۾ ڦٽو ڪيو ويو.

هفتي کان گم ٿيل نينگر جو سسي ڪپيل لاش ملڻ کانپوءِ علائقي ۾ قيامت جهڙا منظر هئا.

ڪوٽڏيجي ڀرسان 8 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي جو فصل مان سِسي ڌڙ کان ڌار ڪيل لاش مليو.

ڳوٺ علي بخش حاجاڻو جي رهواسي معصوم علي رضا حاجاڻو جو ڳوٺ ۾ ڪڻڪ جي فصل مان ڪپڙن کان آجو ٿيل لاش ھٿ آيو.

زمين تي گاھه ڪرڻ لاءِ ويل ٻارڙن نينگر جو لاش ڏسي وارثن کي اطلاع ڪيو.

اطلاع تي وارث ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جڏهن ته علائقي واسي پڻ وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا.

نينگر جو لاش ملڻ بعد سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي جڏهن ته سموري علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته ھفتو اڳ سندن نينگر علي رضا گم ٿي ويو هو، اڄ سندس ڪپڙن کان آجو ۽ سِسي ڪپيل لاش ھٿ ڪيو آيو.

هنن چيو ته نينگر کي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ بعد لاش ڳوٺ ٻاهران اڇلايو ويو آهي، ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

واقعي جو سبب هن وقت تائين سامهون ناهي اچي سگهيو ته ٻالڪ کي ڪنهن ۽ ڇو قتل ڪيو آهي.

خيال رهي ته سنڌ ۾ اهڙا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، ماڻهو پنهنجي ٻارن جي حفاظت لاءِ فڪرمند رهڻ لڳا آهن، پوليس پنهنجي امن امان جي ذميواري پوري ناهي ڪري رهي جڏهن ته واقعن جي رنڊ روڪ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا.

ان حوالي سان سخت قانون ۽ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن وقت ٻار جي وارثن سان همردي جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته واقعي جي وڏي پئماني تي جاچ ٿيڻ بعد انصاف تي ٻڌل فيصلو ٿيڻ گهرجي ۽ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا توڻي حڪومت هر ممڪن اپاءَ وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.