پي ايس ايل 9 لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل سيزن 9 لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي.
ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور علي ناصر رضوي موجب 3 ضلعن ۾ 17 هزار 176 پوليس اهلڪار ڊيوٽي انجام ڏيندا، لاهور ۾ 6 هزار 936، ملتان ۾ 5700، جڏهن ته راولپنڊي ۾ 4538 اهلڪار مقرر هوندا.
هن چيو ته پاڪ فوج جون 3 ڪمپنيون به پي ايس ايل 9 جي سيڪيورٽي تي مقرر هونديون، ٽنهي ضلعن ۾ ٽريفڪ جي رواني لاءِ واڌو نفري طلب ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل ۾ شريڪ ٽيمن کي اسٽيٽ گيسٽ جو درجو ڏنو ويندو، ٽيمن جي چرپر ۽ ميچن دوران جيمرز به لڳايا ويندا.
علي ناصر رضوي چيو ته پي ايس ايل جي روٽن جي فضائي نگراني هيلي ڪاپٽرن ذريعي ڪئي ويندي، سيف سٽيز جي ڪئميرائن سان ايونٽ جي 24 ڪلاڪ مانيٽرنگ ٿيندي.
هن چيو ته ڪرڪيٽ ٽيمن جي روٽس ۽ اسٽيڊيم ۾ واڌو ڪئميرائون لڳايون وينديون، موبائل ڪمانڊ وين، پيرو جون گاڏيون به ڪئميرائن سان گڏ متحرڪ هونديون، روٽن تي 20 ڊولفن ۽ 20 ايليٽ فورس جون ٽيمون پيٽرولنگ ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.