غيراخلاقي وڊيوز معاملو: وي سي شاهه لطيف يونيورسٽي خلاف احتجاج جاري

خيرپور (ويب ڊيسڪ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر خلاف جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ملازمن استادن ۽ آفيسرس پاران جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو خلاف اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي ايڊمن بلاڪ آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي پروفيسر اختيار گهمرو، حسام شيخ، سيد منير شاھ راشدي، امام علي شاھ، حاڪم ڦلپوٽو، وحيد سانگري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

احتجاج ڪندڙ گو وي سي گو جا نعرا هڻي رهيا هئا.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جون غيراخلاقي وڊيو وائرل ٿيون هيون، جنهن سان مادر علمي جي ساک سخت متاثر ٿي آهي، جنهنڪري ڄاڻايل وائيس چانسلر کي فوري هٽائي ڪارروائي ڪئي وڃي.

هنن چيو ته سنڌ جي نگران وڏي وزير جاچ جو حڪم ڏنو هو پر نه جانچ ٿي نه ئي ڪا ڪارروائي عمل ۾ آئي آهي.

هنن چيو ته جيسيتائين وائيس چانسلر خلاف ڪارروائي نه ٿيندي تيستائين احتجاج جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.