قاضي احمد: سينٽرل جيل ڪراچي جو خطرناڪ قيدي فرار

قاضي احمد (ويب ڊيسڪ) قاضي احمد ويجهو سينٽرل جيل ڪراچي جو قيدي فرار ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آھي ته سينٽرل جيل ڪراچي جي قيدي محمد حنيف عرف بلو بادشاھه کي خيرپور جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيشي تي آندو ويو هو.

پوليس موجب، پيشي بعد واپس ويندي قاضي احمد باءِ پاس روڊ تي ھوٽل تي ماني کائڻ دوران قيدي فرار ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿي ويل قيدي محمد حنيف عرف بلو بادشاھه جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.

سينٽرل جيل ڪراچي جي قيدي جي فرار ٿيڻ بعد پوليس ۾ ٿرٿلو متل آهي، جنهن جي گرفتار لاءِ مختلف هنڌ تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.