بنگلاديش ۾ ”انڊيا آئوٽ“تحريڪ زور وٺي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ ڀارتي مداخلت کان پوءِ ”انڊيا آئوٽ“ تحريڪ زور وٺي وئي.
جنوري 2024ع تي ٿيل عام چونڊن جتي نتيجن موجب حسينه واجد چوٿون ڀيرو کٽي حڪومت ٺاهڻ جي اهل ٿي وئي آهي، پر اڳوڻي وزيراعظم ڏکي صورتحال ان ڪري ٿي رهي آهي ڇو جو هاڻي بنگلاديش ۾ ”انڊيا آئوٽ“ جي نالي سان مهم زور وٺي رهي آهي.
”انڊيا آئوٽ“ جي ان مهم کي عوام سوڌو مخالف سياسي جماعتن جي مڪمل حمايت حاصل آهي، گڏوگڏ عالمي ميڊيا به ان سموري صورتحال تي نظر رکيون ويٺي آهي.
ان تحريڪ ۾ ڀارتي تي بنگلاديش جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته عوام پاران ڀارتي شين جو بائيڪاٽ به ڪيو پيو وڃي.
پرڏيهي خابرو اداري پاران ان حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن م ٻڌايو ويو هو ته بنگلاديشي مارڪيٽس ۾ ڀارتي شين جي وڪري ۾ نمايان گھٽتائي ٿي آهي.
ٻي پاسي دڪاندارن ۽ اسٽورن پاران به ڀارتي شيون رکڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن، ڀارتي شين جو وڪرو خريد هاڻي گھٽجي رهي آهي، اسان جيڪو مال ورتو هو اُهو پکي نه پيو.
سوشل ميڊيا تي واهپيدارن پاران به پوسٽ اپلوڊ ڪيون ويون جن ۾ ڀارتي شين جي بائيڪاٽ جي اپيل ڪئي وئي.
واضح رهي ته بنگلاديش کان اڳ مالديپ ۾ به ڀارتي مداخلت خلاف وزيراعظم سخت ردعمل ڏنو هو ۽ ڀارتي فوج کي ملڪ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.