سنڌ، جتي ويلنٽائينس ڊي ممنوع قرار ڏنل آ

 

تحرير: ڪاشف نوراني

 

سکي هوا ۾ هڳاءُ آهي،

گلي گلي گيت ٿي وئي آ،

پيا بنا ننڊ ڪيئن ايندي،

بسنت رت جو بي چئي آ. (شيخ اياز)

پيار کي ملهائڻ لاءِ هڪ ڏينهن ئي ڇو؟ ڇا سڀ ڏينهن پيار جا ڏينهن نه ٿا ٿي سگهن؟ اهو شايد انهيءَ ڪري جو سال جا باقي ڏينهن نفرت جا ٿي پيا آهن، هر روز ڪو خودڪش ڌماڪي ۾، ڪي ماڻهو ماري ٿو. هر روز ڪو ميزائل ڪيرائي آباديون اجاڙي ٿو. هر روز قبائلي جهيڙن، قومي تڪرارن، مذهبي فسادن، طبقاتي ويڙهاندن، نظرياتي جنگين، ذاتي دشمنين، معاشي رقابتن ۽ سماجي ٽڪرائن ۾ رڳو نفرتون راڄ ڪن ٿيون. هر روز فضا ۾ بارود جي بوءِ اچي ٿي، ڪو هڪڙو ڏينهن به ڪڍجي، جو ماحول ۾ گلن جي مهڪار ٿئي. هر روز سڏڪن سان آسمان لرزي ٿو، ڪو هڪڙو ڏينهن ته ٽهڪن سان گونجڻ کپي. هر روز موت تي سوڳوار آهيون، ڪو هڪڙو ڏينهن ته زندگيءَ جو جشن ملهايون. اسان وارن نسلن، پيار کي پنهنجون عمريون ڏنيون آهن. جڏهن ڳاڙهن ٻيرن جي رت ايندي آهي، جوان دلين ۾ پيار پلجڻ شروع ٿيندو آهي، تڏهن ڪائي اپسرا پنهنجي پوتيءَ جي پاند کي ڪنڌ موڙي مرڪي ڏسندي آهي: ته ان مهل سندس من اندر ۾ محبت جا ڏيئا ٻرڻ لڳندا آهن. اهڙي پل سندس چيلھه جو هڪ موڙو ۽ چپن تي تري آيل مرڪ، سندس اندر جو اظهار هوندو آهي. ان سمي ڌرتيءَ تي کڄندڙ سندس هر قدم ڪنهن زلزلي کان گھٽ ناهي هوندو. انهن البيلين دلين کي ڪنهن ڏهاڙي جو انتظار نه هوندو آهي. انهـن لاءِ هر موسم پيار جي ۽ هر ڏهاڙو پيار جو ڏڻ هوندو آهي.

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ محبت جو ڏهاڙو ”ويلنٽائين“ ملهايو پيو وڃي، ماڻهو هڪٻئي کي گــُل ۽ مختلف سوکڙيون ڏئي محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. سڄي دنيا ۾ بيڪرين تي ڪيڪن جا آرڊرز، گلن جي دڪانن، گفٽ شاپس تي نوجوانن ئي نه  پر بزرگ مرد ۽ عورتن جي رش نظر اچي رهي آهي. ويلنٽائين ڊي تي چاڪليٽ جو وڪرو وڌي ويندو آهي، ڇو ته ماڻهو تحفي ۾ چاڪليٽ ڏيڻ پسند ڪندا آهن. اڄ محبتي جوڙا ھڪٻئي سان محبتون ونڊيندا، ھڪٻئي سان پيار جون پچارون ڪندا، ھڪٻئي کي گلن ۽ چاڪليٽن جا تحفا ڏيندا ۽ سڄو ڏينھن گڏ گذاريندا.

محبتون ته غير مشروط هونديون آهن پر ويلنٽائينس ڊي فيبروري مهيني جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. ان مهيني خصوصي طور تي رومانوي سوچ رکڻ وارا جن کي سولي سنڌيءَ ۾ عاشق به چئبو آهي اهي هن مهيني کي رومانٽڪ بنائڻ لاءِ مختلف رٿابندين ۾ مصروف عمل ٿي ويندا آهن. پيار جيڪو هڪ بغاوت آهي، جنهن جي حقيقت کي هن مهل تائين ڪير به پهچي ناهي سگھيو پر اسان جنھن معاشري خصوصي طور سنڌ ۾ رھون ٿا اتي محبت اسان لاءِ صرف ھڪ خواب بڻجي وئي آھي. اسان ته اھڙي سماج ۾ رھون ٿا جنھن ۾ جون لينن جي چوڻي موجب ته ”اسان ھڪ اھڙي سماج ۾ رھون ٿا، جتي محبت ته لڪي ڪرڻي پوي ٿي پر تشدد، جھيڙا ۽ نفرتون سرعام ڪندا آھيون“. ڌرتي ۽ سرتيءَ جي عشق ۾ وڏو ڪمال سمايل هوندو آهي، جنهن ۾ موت جو خوف اصل بيمانائتو ۽ ختم ٿي ويندو آهي، عاشقن جي راهن ۾ جيتريون پابنديون ۽ سختيون اينديون آهن، اوترو ئي ان ازلي عشق جي ڪشش وڌندي رهندي آهي، نگاهه ۽ قدم صرف منزل مقصود تي هوندي آهي، جتي پيار گناهه نه ھجي، جتي سمنڊ جي ڪناري تي هلندڙ جوڙي کي عجيب نگاهن سان نه ٿو ڏٺو وڃي ۽ جتي پارڪ جي بئنچ تي ويٺل ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کان سندن رشتن جي پڇا نه ٿي ڪئي وڃي جتي پيار ممنوع آهي، جواني جرم آهي ۽ خواب گناهه آهن. جتي پيار کي انائن جي بارگاهه ۾ بليدان ڪيو ويندو آهي ۽ جتي محبتون قبائلي سردارن جي اجازت سان ڪبيون آهن.

پيار جو طوفان پنهنجا ڪنارا پاڻ طئي ڪندو آهي. پيار جيڪو پيريءَ ۽ جوانيءَ کان وٺي وڌيڪ اذيت ناڪ هوندو آهي. محبوب جو هڪ ديدار ئي عاشق جي ڪوماٽيل دل ۾ انقلاب جهڙي جوت جڳائي سگھي ٿو پر ان جي ڪا به آخري حد ناهي ٿيندي، پيار سمنڊ آهي جنهن جي ٻئي ڪناري تي اڄ تائين ڪو به عاشق پهچي ناهي سگھيو. اڄ انهن عاشقن لاءِ هي (عيد ڏڻ) خوشين کان اڻپورو هوندو، جن کي پنهنجي پرينءَ جو درشن نصيب نه ٿيو هوندو. جن جا پرين محلاتن ۽ لوهي ڪارن ڪوٽن ۾ قيد هوندا آهن انهـن لاءِ عيد به عام ڏهاڙي جھڙي هوندي آهي. اڄ هي انهن عاشقن لاءِ ئي عيد جو ڏڻ هوندو، جن کي پرينءَ جو چهـرو ڏسڻ ۽ چمڻ نصيب ٿيو هوندو، اهو لمحو جڏهن ڪنهن پريميڪا جي حصي ۾ آيو هوندو ته ان جي زندگيءَ جا وساميل سڀئي ڏيئا ٻري پيا هوندا، سندس زندگي شام شفق جو ٻرندڙ ڏيئن جيان جرڪي پئي هوندي. ان لمحي هن مُرڪي جڏهن پنهنجو پاڻ ڏٺو هوندو ته ان خوشيءَ جي لمحي کي هن اياز جي هن سٽ ۾ هيئن محسوس ڪيو هوندو ته:

آ رات لڙي هو اچڻو آ، مون مرڪي پنهنجو پاند ڏٺو،

تون ڇوڙ نه پايل پيرن جي، رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.

پيار ڇا آهي؟ ڀلا انهيءَ ۾ ڪهڙي طاقت آهي، جو پهاڙ جهڙا ماڻهو ميڻ جي ٺهيل محبوبن جي گرم ساهن ۾ وگهرجيو وڃن. آخر انهيءَ ۾ ڪهڙي ڪشش آهي، جو هڪ نگاهه جي اشاري تي صدين جا رشتا، هزارن سالن جون سڃاڻپون ۽ ازل جا واسطا پل کن ۾ ٺهيو پون ۽ ٻيا سڀ رشتا بي معنيٰ ٿيو پون. آخر ڪهڙو راز آهي، جو ماڻهو پنهنجو وجود عشق جي باهه ۾ ساڙي ڀسم ڪريو ڇڏين، پنهنجون شناختون مٽايو ڇڏين؟ آخر ڪهڙي قوت آهي، جو ڏاهي کان ڏاهو ماڻهو عقل جو لباس، پيار جي بي لباسي پهري، مستيءَ ۾ سرمست آهي! ڪجهه ته آهي، پر ڇا آهي؟ جسم جي بک آهي يا روح جي پياس؟ پنهنجي تڪميل آهي يا پاڻ کي فنا ڪرڻ آهي؟ ڪنهن کي حاصل ڪرڻ يا پاڻ کي وڃائڻ آهي؟ صدين جو سودو آهي يا لمحن جو حساب؟ تڙپ آهي يا سڪون آهي؟ ڳولڻ آهي يا لهڻ؟ خير آهي يا شر آهي؟ ڇا آهي هي عشق؟ ڪهڙي رمز آهي پيار ۾؟ شايد اهو سڀ ڪجهه آهي يا ڪجهه به نه آهي. جيڪي سمجهن ٿا عشق رڳو روحاني رشتو آهي، سي برفيلن جسمن جي گرم هٿن ۾ پگهرڻ واري وجد کان واقف نه آهن. جيڪي عشق کي رڳو ڪجهه حاصل ڪرڻ واري راند سمجهن ٿا، سي پاڻ وڃائڻ واري سرور کان محروم آهن. جن لاءِ عشق رڳو پنهنجي تڪميل آهي، تن فنا واري مزي کان پاڻ کي پري رکيو آهي. عشق تڏهن ئي آهي، جڏهن توهان جسمن جي ذريعي روحاني رمزن تائين پهچو. جڏهن سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ واري سوچ ۾ هر شئي وڃائي ڇڏيو ۽ تڪميل واري آرزو ۾ پاڻ پنهنجو وجود فنا ڪري ڇڏيو، تڏهن شايد عشق جي خبر پوي. ڇو ته اگر عشق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي سين، ته ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن انهيءَ جي ويجهو به نه اچي سگهون. پيار ڪنھن رت، ڏهاڙي جو محتاج ناهي. ڀلا پيار جي پهرين پل ۾ ورتل پهرين چميءَ کي اڄ تائين ڪو پريمي وساري سگھيو آهي؟ هي اهو پل هوندو آهي جنهن پل عاشق جي دل ۽ دماغ جون سڀ اکيون کلي پونديون آهن ۽ هر اک ۾ صرف هڪ ئي چهروهوندو آهي جيڪو سندس پرينءَ جو هوندو آهي. ان لمحي کيس ڪنهن موسم جو احساس به نه هوندو آهي.

منهنجي پنهنجي ذاتي راءِ اها به آهي ته اڄ جو ڏينھن اسان لاءِ شاھ لطيف جي امن جو پيغام کڻي آيو آھي، اڄ جو ڏينھن اسان کي سچل جي واٽ تي ھلڻ جي تاڪيد ڪرڻ آيو آھي ۽ اڄ جو ڏينھن اسان کي انسانيت جي وجود جو مقصد سمجھائڻ آيو آھي ته توھان انسانن جو مقصد ھن دنيا ۾ محبتون ۽ پيار پکيڙڻ آھي. اڄ جي دور ۾ ڏٺو وڃي ته تمام گھڻا الميا نظر اچي رھيا آھن. انھن مان ھڪ الميو اھو به آھي ته ھن سماج ۾ محبت ۽ مثبت سوچ جو خاتمو ٿي چڪو آھي. ماڻھو محبتون وساري ويٺا آھن ۽ صرف ۽ صرف پنھنجي دلين ۾ نفرتن جا انبار پالي رھيا آھن ۽ نفرتن جو عروج آھي جنھن ڪري روزاني اڻڳڻيا مسئلا درپيش اچن ٿا. سوشل ميڊيا تي نظر ڊوڙائجي ته ھزارين ھانءُ ڏاريندڙ واقعا اکين آڏو اچن ٿا، ڪڏھن ڪنھن بي گناھه جي خون جي خبر پوي ٿي ته ڪڏھن معصوم رمشا جو بي گناھه قتل ٿيڻ جي خبر شايع ٿيل آھي، ايتري تائين جو ڀاءُ جو ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جون خبرون به روزاني جو معمول بڻجي چڪيون آھن ۽ پٽ بـ پيءَ جو قاتل ٿي ويو آھي. انھن سڀني براين جو آخر سبب ڇا آھي؟ ھونئن تـ اڄ جو دور ٽيڪنالاجي جي عروج جو دور ڪوٺيو وڃي ٿو. واقعي ٽيڪنالاجي عروج تي آھي پر سماج ۾ براين جو به عروج آھي. اهو به دور هو ته ماڻھو ھڪٻئي سان روح رھاڻيون ڪندا ھئا، ھڪٻئي سان محبتون ونڊيندا ھيا ۽ مچ ڪچھريون ڪري امن، شانتي ۽ محبتن جي واکاڻ ڪندا ھئا ۽ پنھنجي نئين نسل کي شاھه جي شاعري ۾ سمايل سبق تي ھلڻ جي تلقين ڪندا ھئا ۽ پيار ۽ محبت وارو درس ڏيندا ھئا پر اڄ ٽيڪنالاجي جي عروج جي دور ۾ اسان جو نئون نسل صرف سگريٽ نوشي ڪندي ۽ پيڪيجن جي معرفت موبائل تي ھيپي آورس دوران رلندي نظر اچي ٿو. جنھن جو نتيجو صرف براين کانسواءِ ڪجھه ناھي.

جنھن جي من ۾ محبت ھوندي آھي ۽ جنھن جا سينا ڪپت کان آجا ھوندا آھن، انھن سان ته ڪو حساب ئي  نه ھوندو آ. سو اچو ته گلوبلائيزيشن جي هنن ڏينهن ۾ محبت جو جشن پراڻن ڏينھن جيان ملهائي وٺون. انهيءَ کان اڳ جڏهن محبوب جي ڏنل چاڪليٽن جو ذائقو ۽ مساڪ جو رنگ ڦٽي وڃي ۽ آر سان نالا ۽ دليون ڀريل رومال ڦاٽي پون، انهيءَ کان اڳ جو ڏنل گلابن جون محفوظ ڪيل پنکڙيون ٺوٺ ٿي هوائن ۾ اڏامي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو خوشبوءِ جو واس وڃائجي وڃي، انهيءَ کان اڳ جو مليل هٿ ڇڏائجي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو دٻيل ٽهڪ گم ٿي وڃن. انهيءَ کان اڳ جو اسان کان هڪ ٻئي جا نالا به وسري وڃن، اچو ته ممنوع هئڻ جي باوجود پيار جو ڏينهن ملهائي وٺون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.