اسلام آباد(م ڊ) ناليواري اينڪر ۽ صحافي عاصمه شيرازي چيو آهي ته عام چونڊن کي هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري چيو پيو وڃي، الزام تراشي جو سلسلو رڪجي نه رهيو آهي. نئون داستان اهو آهي ته ڪيترن ئي سياستدانن پنهنجي ناڪامي کي قبول ڪري ورتو آهي، جهانگير ترين ۽ سراج الحق پنهنجي پارٽين جي قيادت تان استعيفيٰ ڏئي رهيا آهن.پير پاڳارو ۽ اي اين پي به اسٽيبلشمينٽ کان ناراض آهن. ٻئي پاسي مسلم ليگ ن حڪومت ٺاهڻ لاءِ صلاح مشورا ڪري رهي آهي،هن چيو ته پاور شيئرنگ فارمولي جي ڳالهه ٿي رهي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي ڪهڙو فيصلو ڪندي، ڇا پيپلز پارٽي آئيني عهدا سنڀاليندي، ڇا اڍائي سالن جو فارمولو قابل عمل هوندو؟ آرمي چيف گڏيل حڪومت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي