لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق عام چونڊن ۾ ناڪامي تي جماعت اسلامي جي امارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پنهنجي بيان ۾ سراج الحق چيو ته ڪوشش ۽ محنت باوجود چونڊن ۾ گهربل ڪاميابي نه ڏياري سگهيس، چونڊن ۾ ناڪامي قبول ڪندي جماعت اسلامي جي امير طور استعيفيٰ ٿو ڏيان. جماعت اسلامي ترجمان موجب سيڪريٽري جنرل امير العظيم شوريٰ جو اجلاس 17 فيبروري تي منصوره ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ترجمان ٻڌايو ته شوريٰ جلاس ۾ سراج الحق جي استعيفيٰ کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن جماعت اسلامي جي اليڪشن ڪميشن جي صدر نئين امير جي چونڊ ۽ ميمبرن جي رهنمائي لاءِ 3 نالن جو اعلان به ڪيو هو. ترجمان موجب جماعت اسلامي جي نئين امير لاءِ اعلانيل 3 نالن ۾ سراج الحق، لياقت بلوچ ۽ حافظ نعيم الرحمان شامل آهن، ميمبر انهن ٽنهي کانسواءِ به ڪو ميمبر امير جي عهدي تي چونڊڻ لاءِ پنهنجي راءِ ڏئي سگهن ٿا. ترجمان چيو هو ته جماعت جي امير جي چونڊ جو سمورو مرحلو 31 مارچ 2023 تائين مڪمل ڪيو ويندو، اپريل ۾ نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو. ترجمان موجب جماعت اسلامي جي دستور موجب هر سطح تي باقاعدگي سان چونڊ ٿيندي آهي، امير جي چونڊ هر 5 سالن کانپوءِ دستور موجب ٿيندي آهي. استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جهانگير ترين موجب مان استحڪام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن استحڪام پاڪستان پارٽي جي ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن چونڊن ۾ حمايت ڪئي، انهن جا ٿورا مڃان ٿو ۽ ڪاميابي تي پنهنجي مخالفن کي واڌايون پيش ڪيان ٿو. واضح رهي ته جهانگير ترين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جون ٻه سيٽون هارائي ويو هو. هن چيو ته مون کي پاڪستان جي عوام جي خواهشن جو بيحد احترام آهي، ان ڪري مون آءِ پي پي جي چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ ۽ سياست کان مڪمل طور پري رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته مان آءِ پي پي جي سمورن ميمبرن جو ٿورائتو آهيان ۽ انهن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿو، الله جي فضل سان آئون ذاتي حيثيت ۾ پنهنجي قابليت جي حد تائين ملڪ جي خدمت ڪندو رهندس.
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته هو ڌانڌلي تحت کٽيل سيٽ تي ڏڦيڙ کان بچڻ لاءِ اسيمبلي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آھي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فارم 47 مطابق مون کي 26 هزار ووٽ مليا پر فارم 45 موجب مون کي 30464 ووٽ مليا آھن، جڏھن ته مون کان وڌيڪ ووٽ تحريڪ انصاف کي مليا آھن، اسان کي سندن مليل مينڊيٽ قبول آهي ۽ تحريڪ انصاف جي فتح کي اسان قبول ڪيون ٿا، جڏھن تھ ايم ڪيو ايم ڪائونسلر جي سيٽ به نه کٽي سگهي آهي. هن چيو ته مان اهو اعلان ڪرڻ جي ھمٿ ڪيان ٿو تھ پي ايس 129 واري تڪ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيو آهي، ان ڪري مان پي ايس 129 واري سيٽ تان استعيفيٰ ڏيان ٿو، اسان کي هڪ به ڌانڌلي واري ووٽ جي ضرورت ناهي، اھڙي طرح سان اسان پنهنجو هڪ به ووٽ ڏيڻ نٿا چاهيون. 8 فيبروري تي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ وقت سر شروع نه ٿي ھئي، وقت گذرڻ سان گڏ پولنگ شروع نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪندا رهياسين، ووٽرن کي سندن ووٽ ڏيڻ واري حق کان محروم ڪيو ويو آھي.ھن چيو ته سموري ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ان کان وڌيڪ تماشو آهي، اھڙو ميڊنٽ لٺ ۽ جبر وارو آھي. امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته اسان کي خيرات واري سيٽ نه گهرجي،. هن چيو ته اهلڪارن پهريان ڪيمرا هٽايا، پوءِ باڪس ڀرڻ شروع ڪيا، فارم 45 نه ڏنو ويو، پولنگ ايجنٽن جي وڏي انگ کي فارم به نه ڏنا ويا، فارم 47 ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي آھي، آر اوز جون آفيسون هر طرف کان سيل ڪيل ھيون، ته جيئن ڪو بھ شڪايتي اتي نھ پھچي سگھي، چونڊن بابت ٿيل اھڙيون حقيقتون عوام تائين پهچائينداسين. حافظ نعيم الرحمان چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ هن ڀيري وڌيڪ ماڻهن جماعت اسلامي کي ووٽ ڏناآھن. امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته هُنن اسان کي ڌمڪيون ڏنيون آهن. ھن چيو تھ اسان ھر صورت ۾ قانوني ۽ سياسي جنگ وڙهنداسين، جعلي مينڊيٽ سان عوام جا ذهن تبديل نٿا ڪري سگهو..ٻئي طرف متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پي ايس 129 تي ايم ڪيو ايم جي اميدوار معاذ مجددم جماعت اسلامي جي نعيم الرحمان خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جو چوڻ آھي ته هاڻي حافظ نعيم الرحمان پنهنجي جعلي ۽ ڌانڌلي تحت کٽيل سيٽ جي ڏڦيڙ کان بچڻ لاءِ سيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران حافظ نعيم الرحمان جي ڌانڌلي تحت کٽيل سيٽ کي وائکو ڪرڻ لاءِ سموريون تياريون ڪيون ويون آهن، جماعت اسلامي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان ميدان مان ڀڄڻ جون تياريون ڪري رھيو آھي .