چند ماڻهو 9 مئي جهڙي رٿابندي ڪري رهيا آهن: محسن نقوي

 لاهور (م ڊ) نگران پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي دعوي ڪئي  آهي ته ان وٽ پڪا ثبوت آهن ته چند ماڻهو 9 مئي  جهڙو واقعو ورجائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته سياسي نموني سان احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي،  ايجنسيز  رٿابندي بابت ڳالهه ٻولهه  پڪڙي آهي  ته ڪنهن شرپسندي جي ڪوشش ڪئي ته سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هن ڀيري اسان جي رد عمل پهريان کان وڌيڪ سخت هوندو، نٿا چاهيون ته قوم ورهائجي، نگران وڏي وزير چيو ته ماڻهن وٽ قانوني رستو موجود آهي، چونڊ نتيجن تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري پر ڪنهن صورت ۾ 9 مئي جو واقعو ورجائڻ نه ڏينداسين، ملڪ اهڙين حرڪتن  جي سٽ نٿو سهي سگهي.

برنس روڊ جي بندش خلاف سنڌ سرڪار کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ فوڊ اسٽريٽ جي ڪري برنس روڊ جي بندش وارو ڪيس ٿي، عدالت پاران  سنڌ حڪومت، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ۽ ٻين کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ 28 مارچ تائين مهلت ڏني  وئي آهي.ايڊووڪيٽ عزيز شيخ پاران برنس روڊ جا روڊ ۽ رستا بلاڪ ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪيل آهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عدالت برنس روڊ فوڊ اسٽريٽ جي چوڌاري روڊن ۽ گهٽين کي کليل رکڻ جو حڪم ڏنو هو. ڊي سي سائوٿ فوڊ فيسٽيول جي نالي تي برنس روڊ جي آس پاس جا روڊ ۽ رستا چار ڏينهن بند ڪيا.

سرڪاري نوڪرين تي بندش ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي عدالت ۾ گريڊ 1 کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين تي پابندي واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذار ايم ڪيو ايم جو وڪيل فروغ  نسيم عدالت ۾ پيش ٿيو.ايم ڪيو ايم جي وڪيل جو عدالت کان استدعا ڪئي ته هو  اليڪشن جي معاملن ۾ مصروف آهيان انڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي .عدالت فروغ نسيم جي درخواست تي ٻڌڻي 19 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .عدالت پاران سرڪاري ملازمتن تي اسٽي برقرار رکڻ جو حڪم جاري ڪيو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.