لاڙڪاڻو : پيپلز پارٽي اڳواڻ برهان خان چانڊيو پڻ واقعي واري هنڌ پهچي چانڊيا برادري جي معززن ۽ هوٽل مالڪ توڙي مزدورن کان تفصيل معلوم ڪيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي برهان خان چانڊيو چيو ته مون کي به حيرت ٿي ٿئي ته وچ شهر ۾ ايڏو وڏو واقعو ٿيو آهي، ناجائزي برداشت نه ڪئي ويندي، رات اچي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد صبح جو اسان جي ماڻهن ۽ پوليس واري کي شهيد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته آءِ جي سنڌ، اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ڊي آءِ جي ناصر آفتاب سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن خاطري ڪرائي آهي ته اوقعي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، واقعي جي ايف آءِ آر سرڪار طرفان داخل ڪئي ويندي ڇاڪاڻ پوليس وارو به شهيد ٿيو آهي ۽ اسين اسٽيٽ سان گڏ آهيون، برهان چانديو چيو ته هي سياسي جهيڙو ته ناهي جيڪي گهر ويٺا آهن انهن سان وڃي وڙهن اسان چانڊين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جيڪڏهن سياست ڪرڻي اٿن ته معظم صاحب جو گهر وليد ۽ سائين وارن جو ڳوٺ فريد آهي هڻن هڪٻئي کي بندوقون، هنن غريبن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جهيڙو ڪرڻو اٿن پاڻ ۾ ڪن.