ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ قائد نواز شريف جي اتحادي حڪومت ٺاهڻ واري دعوت تي ايم ڪيو ايم جو وفد لاهور لاءِ روانو ٿي ويو.
ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم وفد، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ سياسي حڪمت عملي تي ويچاريو ويندو.
واضح رهي ته ڪالهه اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ٻين سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن کي ملڪ لاءِ گڏ ويهن جي دعوت ڏني هئي.
نواز شريف طرفان اتحادي حڪومت جي دعوت، ايم ڪيو ايم وفد لاهور لاءِ اُڏام ڀري ورتي
You might also like