صحت کي جادوئي فائدا پهچائيندڙ 6 بهترين شربت

پنهنجي ڏينهن جي شروعات مزيدار ۽ فائديمند خوراڪ سان ڪريو! نيرن ۾ قوت مدافعت وڌائيندڙ جوس شامل ڪرڻ اوهان جي صحتمند زندگي جي سفر ۾ مُک ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.

اڄ اسان اوهان کي 6 اهڙا جوس ٻڌائينداسين جن کي پيئڻ سان نه رڳو اوهان جو  ڪولسٽرول گھبو پر قوت مدافعت ۾ به اضافو ٿيندو ۽ جسم کي آئرن، ڪيلشيم وغيرا فراهم ٿيندي.

ٽماٽي جو جوس

ٽماٽي جو جوس وٽامن بي-9 (فوليٽ) سان ڀرپور اهي، ان جو ذائقيدار جوس ٺاهڻ لاءِ اهان انهن کي رڳو پاڻي سان گڏ بلينڊ ڪريو ۽ ذائقي لاءِ ٿورو لوڻ وجهي ڇڏيو.

اهو جوس اوهان جي جسم ۾ موجود ڪنهن به قسم جي انفيڪشن جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو ۽ ان ۾ شامل ميگنيشيئم سوڄ گھٽائيندي آهي. ٽماٽي جو جوس وٽامن سي، پوٽاشيم ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس جهڙي معدنيات سان ڀرپور هوندو آهي.

نارنگي جو جوس

اورينج جوس مشهور شربت آهي جيڪو صبح جي وقت پيتو ويندو آهي، اورينج جوس ۾ نه رڳو صحت جو خزانو لڪيل آهي پر ان جو ذائقو به خوشگوار آهي. اهو جوس ٺاهڻ جو طريقو به سولو آهي،  رڳو تازيون نارنگيون ڇِلهي انهن جي رَس ڪڍي وٺو ۽ ان ۾ ذائقو وڌائڻ لاءِ ٿورو ڪارو لوڻ گڏائي ڇڏيو.

نارنگي جي جوس ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس جهجهي مقدار ۾ هوندو آهي جيڪو جسم کي مضبوط بڻائيندو ۽ موسمي بيماري سان وڙهندو آهي.

ان جوس ۾ موجود وٽامن سي، وٽامن اي، پوٽاشيم ۽ ڪيلشيم صحت لاءِ بهترين هجن ٿا. اهي اکين، کَلَ ۽ ڏندن جي خوبصورتي وڌائڻ سان گڏ پوڙهائپ جا اثر به گھٽائين ٿا.

کيرن ۽ پالڪ جو جوس:

کيرن ۽ پالڪ جو جوس صحت بخشيدڙ شربت آهي جيڪو مختلف بيمارين کان بچائي ٿو ۽ جسم کي مضبوط بڻائي ٿو. کيري ۾ پاڻي جو ڀرپور مقدار ۽ پالڪ ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ وٽامنز جي موجودگي سبب کَلَ صاف ٿيندي آهي ۽ هاضمي جو نظام به بهتر ٿيندو آهي.

چقندر، گجر ۽ صوف جو جوس:

چقندر، گجر  ۽ صوف صحت بخش ۽ اثرائتو ميلاپ آهي جيڪو بهتر صحت لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آهي. چقندر جسم کي رت جي گردش ۾ مدد ڪندو آهي، گجر بايوٽين فراهم ڪندي آهي، ۽ صوف ۾ فائبر ۽ وٽامن سي ڀرپور مقدار ۾ هوندي آهي.

اهو کَلَ نکاريندو آهي، ان کانسواءِ ان ۾ وٽامن بي-6، آئرن ۽ ميگنيشيم به صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي.

پالڪ ۽ سلاد جي پنن جو جوس:

پالڪ ۽ سلاد جا پي پنن جو جوس صحت لاءِ بهترين جوس آهي جيڪو اوهان جي صحت کي ڪيترائي فائدا پهچائي ٿو.

پالڪ ۾ فوليٽ، آئرن ۽ وٽامنز ڀرپور مقدار ۾ هونديون آهن جيڪي رت جي شريانين کي مضبوط بڻائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ توانائي فراهم ڪندا آهن.

سلاد جي پنن ۾ موجود وٽامنز ۽ معدنيات جسم کي مضبوط، صاف چهرو ۽ صحتمند کَلَ فراهم ڪندي آهي. ان خوشبودار جوس جي انوکي خوشبوءِ ۽ مزيدار ذائقو هوندو آهي جنهن جي روز استعمال سان اوهان پنهنجي جسم کي مضبوط ۽ چست بڻائي سگهو ٿا.

صوف، گجر ۽ نارنگي جو جوس:

انهن ٽنهي ميون جي ميلاپ مان ٺهيل جوس صحت لاءِ بهترين آهي. صوف ۾ فائبر ۽ وٽامن سي جهجهي مقدار ۾ هوندي آهي جيڪا ڪولسٽرول کي گھٽائيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.