پاڪستاني چونڊن تي برطانيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين جو ردعمل

پاڪستان جي چونڊن تي برطانيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين پاران تقريبن هڪ جهڙو ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي.

برطانيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين ٽنهي پنهنجي ردعمل ۾ ڏکيائين جي باوجود پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪرڻ تي پاڪستاني عوام جي تعريف، عورت ووٽرن جي انگ ۾ اضافي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.

ان سان گڏ چونڊ عمل جي غير شفافيت تي اٿندڙ سوالن تي به گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي.

ٽنهي ليول پليئنگ فيلڊ نه هجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه سياسي عنصرن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو ويو، کين گڏ ٿيڻ جي آزادي کان محروم رکيو ويو.

پنهنجي ردعمل ۾ ٽنهي اظهار جي آزادي تي پابندي تي افسوس ظاهر ڪندي چيو ته اظهار راءِ جي آن لائين ۽ آف لائين آزادي نه ڏني وئي، اليڪشن جي ڏينهن انٽرنيٽ تي پابندي رهي، اليڪشن عمل ۾ دخل اندازي ۽ سياسي گرفتاريون ٿيون، ان تي به شديد افسوس آهي.

برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ڪيمرون پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ ملڪ ۾ اهم سڌارن لاءِ بااختيار سويلين حڪومت جي چونڊ ضروري آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ هو ته ڌانڌلي ۽ دخل اندازي جي الزامن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گھرجي.

يورپين يونين به اهو مطالبو ڪيو ۽ مبصرن جي ڄاڻايل سفارشن تي عمل درآمد تي زور ڏنو.

يورپي يونين جو چوڻ هو ته اليڪشن کان اڳ پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جي چئلينج کي منهن ڏنو پر هاڻي پاڪستان کي گھرجي ته اُهو جي ايس پي پليس جي رپورٽ ۾ ٻڌايل خاميون ختم ڪرڻ لاءِ گھربل معاشي سڌارن تي ڌيان ڏئي.

برطانيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين پاڪستان جي نئين حڪومت سان گڏجي سيڪيورٽي، معيشت، انسان حقن ۽ گڊ گورننس کي هٿي ڏيڻ تي ڪم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.