اسرائيلي وزيراعظم فوج کان پناهه گير علائقي تي حملي جو پلان گھري ورتو

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) جنگي جنون ۾ مبتلا اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو يهودي فوج کان غزا جي پناهگير علائقي رفاح تي حملي جو پلان گھري ورتو.

نيتن ياهو فوج کي حڪم ڏنو آهي ته اُها غزا جي پناهگير علائقي رفاح تي زميني حملي جو پلان پيش ڪري.

فلسطينين تي جارحاڻن حملن جي لاڳيتو حمايت ڪندڙ آمريڪي صدر جو بائيدن به غزا تي اسرائيلي حملن کي حد کان وڌيڪ قرار  ڏئي ڇڏيو آهي.

اسرائيل جي مرڪزي اتحادي ۽ غزا جنگ لاءِ مالي ۽ فوجي سهڪار فراهم ڪندڙ آمريڪا رفاح ۾ وڏي پيماني تي حملن تي تنبيهه جاري ڪندي چيو آهي ته اهو ڪنهن سانحي کان گھٽ نه هوندو، ڇو جو تمام وڏي انگ ۾ عام شهرين اتي پناهه ورتي آهي.

رفاح اُهو علائقو آهي جنهن کي اسرائيل پاڻ محفوظ زون قرار ڏنو آهي ۽ عام شهرين کي اتي پناهه وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.