ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي جي موسم ڪيئن رهندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايندڙ 24ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب شهر جو گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 14 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 26 کان 28 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

موسمياتي کاتي ٻڌايو ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جو گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 12 کان 14 ڊگري سينٽي گريڊ رهي سگھي ٿو.

ڪراچي ۾ هن وقت هوا ۾ گھم جو تناسب 85 سيڪڙو آهي ۽ اتر اوڀر کان هوا 13 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.