ڌانڌلي وارا چونڊ نتيجا رد ڪريون ٿا: سيد زين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو ته ڌانڌلي وارين چونڊ نتيجن کي رد ڪيون ٿا.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته چونڊن واري ڏينهن موبائيل فون سروس بند ڪري وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي،  ڊي آر او ۽ پريزائيڊنگ آفيسرن جي سهڪار سان قومي ۽ صوبائي تڪن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي.

هن چيو ته اسان ڌانڌلي وارين چونڊ نتيجن کي رد ڪيون ٿا، هن فراڊ واري اليڪشن خلاف سخت احتجاج ڪنداسين ۽ ٽربيونل ۾ به وينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.