آصف زرداري سرگرم، آزاد اميدوار پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ملڪ جي مختلف تڪن تان ڪامياب پي ٽي آءِ جا حمايت يافته اميدوار به عمران خان سميت 9 مئي  واري واقعي ۾ ملوث ماڻھن کي بچائي نٿا سگھن، ڇا ڪاڻ ته آزاد اميدوارن جون به ڪيئي مجبوريون ھونديون آھن، کانئن چونڊن کان اڳواٽ ئي بنا ڪنھن تاريخ لکڻ جي استعيفيٰ ورتي ويندي آھي يا سندن ويڊيو بيان وغيره رڪارڊ ڪيو ويندو آھي، ان لاءِ آزاد اميدوار آزاد ناھن ھوندا. سيد عمران شفقت پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته يا ته ملڪ ۾ فوج رھندي يا عمران خان انھن ٻنھي ڳالھين مان ڪا ٽئين ڳالھه نه ٿيندي، ھن وڌيڪ چيو ته جن ماڻھن جي خلاف ووٽ پيو آھي، ان ووٽ جو استعمال به اھي ئي ماڻھو ڪندا، ٿي سگھي ٿو آزاد اميدوار پ پ  ۾ ھليا وڃن، ڇو ته ان پروجيڪٽ تي آصف علي زرداري ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 10 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.