حيران ڪندڙ نتيجن کانپوءِ شهبازشريف سرگرم، اسٽيبلشمينٽ سان ملاقاتون

اسلام آباد(عوامي آوازنيوز)اسٽيبلشمينٽ سان جٺ ٿي يا نوازليگ سان؟ اليڪشن ڪميشن کي نتيجا ”ڪٿان“  ملندا رهيا،،ناليواري تجزئي نگار اسد علي طور پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته هيل تائين پي ٽي آءِ حامي آزاد اميدوارن کي 87 سيٽون مليون آهن،نواز ليگ کي 60 سيٽون،پ پ جون 45،ايم ڪيو ايم جون 7،آءِ پي پي جون2، جي يو آءِ هڪ، ق ليگ جي هڪ سيٽ آهي، پنجاب ۾ نواز ليگ قومي اسيمبلي جون 52 سيٽون کٽيون آهن،پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن 41 سيٽون کٽيون آهن،اصل آزاد اميدوارن 4،پ پ 5 سيٽون آهن،پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ 111 سيٽن تي پهرين نمبر تي،ٻئي نمبر تي پي ٽي آءِ جا 90 اميدوار آهن، اصل آزاد اميدوارن جو انگ 18 آهي، پ پ وٽ 8،ق ليگ 6،استحڪام پاڪستان پارٽي جي هڪ سيٽ آهي،پ پ آساني سان پي ٽي آءِ حامي آزاد اميدوارن،ايم ڪيو ايم سان گڏجي وفاق ۾ حڪومت ٺاهي سگهي ٿي، پ پ پنجاب ۾ به اپ سيٽ ڪري حڪومت ٺاهي سگهي ٿي، سنڌ ۾ پ پ پنهنجي پاڻ کي بچائي ورتو آهي، ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي75 اميدوارن جهرلو ڦيري ڇڏيو، جي يو آءِ کي رڳو پنج سيٽون ۽ ن ليگ کي ٽي سيٽون مليون آهن،بلوچستان اسيمبلي ۾ پ پ 7،نواز ليگ 7، جي يو آءِ 4،بلوچستان عوامي پارٽي3،پي ڪي ميپ ،بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جماعت اسلامي کي هڪ هڪ سيٽ ملي آهي، اتي مخلوط حڪومت بڻجندي، ن ليگ جي اڳواڻ ملاقات ۾ مون کي  چيو ته اسان شايد اليڪشن ته شايد کٽي وڃون پر پارٽي ختم ٿي ويندي، اسٽيبلشمينٽ جي مدد جا نتيجا اسان کي ڀوڳڻا پوندا،ن ليگ جي هارائڻ جو ذميوار ڪو ٻيو نه شهبازشريف آهي جنهن ن ليگ کي اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي ٽرڪ هيٺيان ڏئي ڇڏيو،اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل پنهنجي تباهي جو سامان پيدا ڪيو، اسٽيبلشمينٽ جي آسري نواز ليگ ڪي خاص جلسا به نه ڪيا،شهبازشريف اسٽيبلشمينٽ جي حامي جهانگير ترين سان اتحاد ڪري 9 سيٽون وڃايون،چونڊ نتيجن تي نوازشريف سخت ڪاوڙيل هو، هن شهبازشريف کي چيو ته مان اپوزيشن ۾ ويهندس، ان بعد نوازشريف ۽ مريم نوازڪاوڙجي ھليا ويا.شهبازشريف اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، اتي اليڪشن جا رزلٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن انداز ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي اها شرم جوڳي آهي، نوازشريف کي ياسمين راشد کان کٽرايو ويو،ياسمين راشد جا هڪ لک 15 هزار ووٽ هئا،نوازشريف جا ووٽ هڪ لک 75 هزار ڪرايا ويا، اين اي 130 تي باقي 14 اميدوارن کي حيرت انگيز طور هڪ به ووٽ نه پيو،ڇا اميدوارن پنهنجي پاڻ کي ووٽ به نه ڏنو، اتي پ پ،جماعت اسلامي، جي يو آءِ ف،ايم ڪيو ايم جا اميدوار به ميدان تي لٿل هئا، حمزا شھباز ووٽ کنيا آھن ھڪ لک 5 ھزار 960 .عاليھ حمزا ھڪ لک 803 ووٽ کنيا.جتي حمزا شھباز 5 ھزار ووٽن جي ليڊ سان کٽيو آھي،رد ٿيل ووٽ آھن 5 ھزار 324 .يعني جيڪڏھن اھي رد نه ٿين ته حمزا جي کٽڻ جي پڪ نه ھئي.اھو وائڙي طريقي سان ڌانڌلي ٿي،پي ٽي آءِ جو راجا بشارت رات جو کٽي رهيو هو، 20 ماڻهوماسڪ پائي آر او جي آفيس پهتا، رزلٽ ۾ ملڪ ابرار کٽي ويو،ايتريون سيٽون ڏيارڻ باوجود نواز ليگ اڪثريتي پارٽي نه بڻجي سگهي،هن چيو ته اهي نتيجا ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيئن ملٽري اسٽيبلشمينٽ آڌي رات جو نتيجا تبديل ڪندي آهي،خوشاب ۾هڪ آر او استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،استيعفيٰ ۾ هن لکيو ته هن 35 سال عزت سان ڊيوٽي ڪئي پر جيڪي آخري ٻه چار ڏينهن هن لاءِ ڀيانڪ خواب وانگر هئا،هن نوازشريف کان سوال ڪيو ته ھو ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻيو آھي ته ڇا ھاڻي ھو اھو ميراث ڇڏيندو ته نوازشريف عمران  خان جي ووٽن سان وزيراعظم بڻيو.اھا ڪھڙا جمھوريت ھوندي جنھن ۾ ڪو وزيراعظم ٻي جماعت جي ووٽن تي اھو عھدو حاصل ڪري.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 10 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.