ڪراچي(رپورٽر) پ پ سنڌ ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪري اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، مخالف اتحاد چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان گڏ ڪيل انگ اکرن موجب سنڌ اسيمبلي جي جنرل 130 سيٽن مان پاڪستان پيپلز پارٽي 80 کان وڌيڪ سيٽون کڻي پهرين پوزيشن تي آهي، جيڪا چوٿون ڀيرو سنڌ صوبي ۾ حڪومت ٺاهيندي، پ پ مخالف اتحاد جي ڊي اي کي وڏي شڪست ملي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان 18 سيٽون، آزاد 14 سيٽون ، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس 2 سيٽون ۽ جماعت اسلامي هڪ سيٽ حاصل ڪري ورتي آهي، اهڙي طرح پ پ سنڌ ۾ اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي، سندس سامهون ٻي وڏي پارٽي ايم ڪيو ايم آهي، جڏهن ته 13 سيٽن تي اڃا نتيجا اچڻا آهن، ٻئي طرف جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي چونڊن کي ڌانڌلي تي ٻڌل چونڊون قرار ڏيندي چيو آهي ته سندن مينڊيٽ کي چورايو ويو آهي.