هنن ۾ ڊاڪٽريٽ تائين ڊگريون ڏيئي ڊاڪٽر ۽ دانشورن جي لقبن سان نوازيو وڃي ٿو ۽ انهن بونن پرفيسرن جو قد اوچو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ڳڻتي جي ڳالهھ اها آهي، ته هن وقت سماج جي اندر اسان سڀني انسانن جي چوڌاري جيڪا به ڏاهپ پکڙيل آهي، جيڪا به سياست (قومي سياست سميت) يا ڪا سماجي خدمت ٿي رهي آهي. اها سموري اهڙي ئي ناقص ڄاڻ ۽ سوچن جي پيداوار آهي. دنيا جون سموريون لائبرريون انهي علم وارن ڪتابن سان ڀريون پيون آهن. دنيا جي سمورين اخبارن، رسالن ۾ جيڪي به لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو ۽ انهن تحت جيڪا به سماجي راءِ جڙي ٿي، اها هنن علمن جي آڌار تي جڙي ٿي يا دنيا جي سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جيڪي به بحث و مباحثو ڪيو وڃي ٿو ۽ پنهنجي من پسند مرضي جي راءِ عامه جوڙائي وڃي ٿي، اها سڀئي هنن ئي شاخن جو نتيجو آهي.
مطلب ته هنن سمورين شاخن واري علم جي ڦهلاءِ جو مقصد سرمائيدار طبقي جي اقتدار ۽ ڌرتي جي سمورن معاشي وسيلن مٿان انهن جي ذاتي قبضي کي برقرار رکڻ آهي۔ ان ڪري اهڙي علم کي سرمائيدار طبقي جي مفادن واري تعليم يا طبقاتي تعليم سڏيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ اهڙي تعليم کي علم چوڻ خود علم جي لفظ توهين آهي يا ان کي سماجي سائنس جي نالي سان سڏڻ خود سائنس جي ئي نفي آهي۔ ڇاڪاڻ ته سائنس اندر اهڙي ڪنهن به قسم جي ڪوڙ، ڌوڪي ۽ غيرمنطق جي اجازت مليل نه هوندي آهي. ان ڪري هن طبقاتي تعليم جو هڪ ملڪ يا دنيا جي اڪثريتي عوام خاص ڪري پورهيت طبقي جي جياپي ۽ خوشحالي سان ڪو به واسطو نه آهي۔ انهي ڪري دنيا جي عظيم ڏاهن ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس سرمائيدار طبقي جي هن طبقاتي تعليم کي مڪمل طور تي رد ڪندي، پنهنجي طرفان اصل سماجي سائنس جو علم پيش ڪيو. جيڪو سائنس جي اصولن موجب تخليقي، تعميري ۽ پيداواري آهي.
جڏهن ته بورجوا طبقي پنهنجي حڪمراني جي ذريعي زبردستي لاڳو ڪيل پنهنجي طبقاتي تعليم کي، سماجي سائنس طور بدنام ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ڪارل مارڪس جي پيروڪارن ان جي حقيقي سماجي سائنس کي سندس جي نالي سان منصوب ڪندي، ان کي مارڪسزم جو فڪر سڏيو وڃي ٿو.
مارڪسزم جو فڪر سماج جي اوسر ۽ ترقي جو علم آهي. ڌرتيء جي سمورن انسانن جي آزادي ۽ خوشحالي جو فڪر آهي. مارڪسزم پنهنجي جوڙجڪ جي حساب سان اهم ٽن سرچشمن، تاريخي ماديت، جدلياتي ماديت ۽ مارڪسي معيشت تي مشتمل آهي. جنهن ۾ پورهيت طبقي جي نجات لاءِ سرمائيدار نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ انقلابي پارٽي تعمير ڪرڻ، ان جي رهنمائي ۾ پورهيتن جو سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرڻ ۽ انقلاب کان پوءِ هڪ انسان هٿان ٻئي انسان جي ڦرلٽ ۽ استحصال جي خاتمي ۽ انساني خوشحالي ۽ ترقي وارو ڪميونسٽ سماج جوڙڻ جي رٿابندي شامل آهي.
هن عظيم فلسفي تي عمل ڪندي، ڪارل مارڪس جي حياتي ۾ ئي 1871ع ۾ انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پئرس شهر جي پورهيتن پنهنجو انقلاب برپا ڪري، ثابت ڪيو ته پورهيت اقتدار تي قبضو ڪري ڪنهن به رياست کي هلائي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ اهو پئرس ڪميون وارو انقلاب صرف 70 ڏينهن هليو هو. پر انهي انقلاب جي تجربن، ايندڙ انقلابن جون راهون کولي ڇڏيون هيون، ته اهي سرمائيداري نظام مان پنهنجي نجات لاءِ سندرو ٻڌن.
تاريخ جي سفر ۾ پيرس ڪميون جي 46 سالن کان پوءِ يعني 1917ع ۾ مارڪسزم جي نظرئي تحت، روس جي سرزمين تي، ڪامريڊ لينن ۽ ٽراٽسڪي جي قيادت ۽ بالشويڪ پارٽي جي رهنمائي ۾ سوويت يونين (پورهيتن جي پنچائتن) نالي سان سوشلسٽ انقلاب برپا ڪيو جيڪو 70 سالن تائين هليو.
هن انقلاب انساني سماج جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. هن انقلاب جي بددولت روس جي سموري سماج جي تعمير ڪرڻ سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ برطانيا، فرانس، جرمني ۽ آمريڪا سميت سمورن ترقي يافته ملڪن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.1957ع ۾ خلا کي فتح ڪرڻ واري پورهيتن جي هي پهرئين رياست هئي. ان سان گڏ هتي دنيا جا وڌ ۾ وڌ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سائنسدان پيدا ڪيا ويا.
حڪمران طبقن وارو هي طبقاتي تعليم انفرادي طور ڪنهن به نوجوان کي هڪ نوڪري ته ڏيئي سگهي ٿي، پر ان طبقاتي تعليم جو انساني سماج جي ترقي ۽ خوشحالي سان ڪو به واسطو نه آهي. ان لاءِ هتان جي سمورن نوجوانن کي مارڪسزم کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان جي جدوجهد ۾ شموليت ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اها هڪ تلخ حقيقت آهي، ته پٺتي پيل ملڪ جي طور تي هتان جي 5 سيڪڙو کان به گھٽ شاگردن کي يونيورسٽي سطح تائين تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. جن ۾ به 99 سيڪڙو شاگردن کي غربت ۽ محرومي سبب پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي جياپي(Survival) جي جدوجھد ڪرڻي پوندي آهي. ان ڪري هنن شاگردن جي پھرين اوليت پنهنجي روزگار جي حاصلات هوندي آهي. پر پوءِ به هنن نوجوانن کي ڪجھ گھڙيون ڪڍي سماجي سائنس جي هنن حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ضرور ڪرڻ گهرجي.