عورتن جي ڪاروبار ڪرڻ سان نه رڳو سنڌ جي معاشي ترقيءَ کي هٿي ملندي، روشن خيال سماج جڙندو پر ان سان گڏ، صنفي برابري به ٿيندي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ به اڳڀرائي ٿي سگهندي.
سنڌ جي ترقيءَ ۾ عورت صنعتڪار هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وقت اچڻ تي والدين لاءِ پٽ ۽ پنهنجي اولاد لاءِ پيءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ ۾ ڪڏهن به عار محسوس نه ڪيو آهي. عورت گهرداريءَ کان وٺي مالي معاملا توڙي رٿا بندي سميت سڀئي انتظام ڏاهپ سان سنڀالي ٿي. تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور عورت، معاشي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنر مان پئسو جوڙي پنهنجي ۽ گهر جي پورائي لاءِ سخت محنت ڪري ٿي. يقينن اها عورت ملڪ جي خوشحاليءَ جو سبب بڻي آهي. هن هميشه مختلف شعبن ۾ مختلف طريقن سان پاڻ مڃرائڻ جو ثبوت ڏنو آهي.
ڪاروبار ۾ پڻ عورتن تاريخ ۾ پنهنجا مثال به قائم ڪيا آهن. حضرت بيبي خديجه الڪبرا رضه ڪارباري عورت جو هڪ سهڻو مثال آهي. اهڙيءَ طرح دنيا ۾ ڪيتريون ئي عورتون ڪاروبار ۾ محدود وسيلن هوندي به پنهنجي صلاحيت جو ڀرپور استعمال ڪري رهيون آهن.
ٻهراڙي جي هجي يا شهر جي، عورت وٽ پنهنجي به نه جمع پونجي هوندي آهي. ڳوٺن جون عورتون هٿ جو هنر توڙي چوپايو مال ڌارين، سون سڙو خريد ڪري سنڀالي رکن ٿيون ، وقت گذرڻ سان شين جي اگهن ۾ واڌ اچي، ته مناسب منافعو حاصل ڪن ٿيو. اهو پڻ سندن خطي يا ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ وس آهر حصو آهي. انڪري موجوده دور جي گهرجن مطابق ڪاروبار جي فني تربيت ڏئي مضبوط ڪاروباري عورت بڻائي سگهجي ٿو. موجوده حالتن کي ڏسندي ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته سنڌ جي عورت کي ڪاروبار ڏانهن راغب ڪري، کين سيڙپڪاريءَ جا طريقا ۽ ٽيڪنيڪلي طور مينجمينٽ، ليڊرشپ جي مخصوص سکيا ڏئي وڌ کان وڌ منافعو حاصل ڪرڻ ۽ شخصيت کي مضبوط بڻائي دنيا جي مردن سان قدم ملائي پهرين صف ۾ بيهارڻ لاءِ اتساهڻ گهرجي. عورتن جي ڪاروبار جي دنيا ۾ اچڻ سان نه فقط صنفي برابري پر ملڪ جي معاشي ترقيءَ ۾ عورت اڳواڻ طور، هلندڙ صديءَ ۾ هر طرح جي درپيش مسئلن سان مقابلو ڪري سگهنديون.
عورتن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ هٿي وٺرائڻ ۾ خودمختيار بڻائي بي روزگارن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. مالي مدد ۽ نت نوان روزگار جا طريقا ۽ درپيش ڏکيائن سان منهن ڏيڻ لاءِ وستي واهڻ ۾ تربيتي پروگرام عام ڪرڻ گهرجن. اهڙيءَ طرح مالي،سماجي ۽ ثقافتي رنڊڪن کي دور ڪري سنڌ ۾ عورتن جي صنعتڪاري ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي، جنهن سان عورت مجموعي طور خوشحال ۽ مضبوط معيشت جو باعث بڻجي سگهي ٿي. يقينن عورت جو ڪارباري دنيا ۾ قدم سنڌ ۾ خوشحاليءَ جو ذريعو آهي.