پاليڪيلي(ويب ڊيسڪ)سريلنڪاجي اوپننگ بيٽر پَيٿم نِسانڪا انٽرنيشنل ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ دنيا جو ڏهون ۽ سريلنڪا جو پهريون بيٽر بڻجي ويو آهي.
افغانستان خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ سريلنڪن اوپنر شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ميدان جي چئني پاسي اسٽروڪ کيڏيا ۽ 139 بالن تي سريلنڪا لاءِ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پهرين ڊيل سينچري اسڪور ڪئي نِسانڪا 210 رنسون ٺاهي ناقابلِ شڪست رهيو سندس اننگز ۾ ويهه چوڪا ۽ اٺ ڇڪا شامل هئا.
Pathum Nissanka becomes the first-ever Sri Lanka batter to score a Men’s ODI double hundred 🎉#SLvAFG pic.twitter.com/1VxXk664SQ
— ICC (@ICC) February 9, 2024
واضح رهي ته پاليڪي ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ون ڊي ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
سريلنڪا پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 381 رنسون ٺاهيون.
اوپنر پيٿم نِسانڪا کانسواءِ اويسڪا فرنينڊو 88، سديرا سمارا وڪرما 44 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
افغانستان جي فريد احمد 2 ۽ محمد نبي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.