اليڪشن نتيجا جيڪي به هجن پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون اهم آهن: بلوم برگ

عالمي رسالي بلوم برگ ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان چيو آهي ته اليڪشن جا نتيجا جيڪي به هجن پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايم سان ڳالهيون اهم آهن.
بلوم برگ پاڪستان ۾ عام چونڊن تي ايشيا فرنٽيئر ڪيپيٽل جي فنڊ مئنيجر روچرڊيسائي سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اڪثريت سان ٺهي يا اتحادي، پاڪستان کي نئون بيل آئوٽ پروگرام گھرجي.
روچرڊيسائي اهو به چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جي صورتحال غير يقيني ۽ غير مستحڪم آهي، حڪومت کي ايندڙ 6 مهينن ۾ ڪيتريون ئي ادائگيون ڪرڻيون آهن ۽ پاڪستان کي ڊگھي عرصي جو وڏو قرض پروگرام گھرجي.
بلوم برگ عهديدار چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج عالمي مالياتي بحران سان تمام سستي بازار آهي، پاڪستاني بازار جي قيمت ۽ آمدني تناسب گھٽ ترين سطح تي آهي، شيئرز جي قيمتن ۾ سياسي، اقتصادي خدشا شامل هجڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج سستو آهي.
بلوم برگ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ وياج جي شرح ايندڙ 9 مهينن کان 12 مهينن ۾ گھٽ ٿي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.