نِسانڪا افغان بالرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، ون ڊي ۾ ڊبل سينچري ٺاهيندڙ پهريون سريلنڪن بيٽر بڻجي ويو

پاليڪيلي(ويب ڊيسڪ)سريلنڪاجي اوپننگ بيٽر پَيٿم نِسانڪا انٽرنيشنل ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ دنيا جو ڏهون ۽ سريلنڪا جو پهريون بيٽر بڻجي ويو آهي.
افغانستان خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ سريلنڪن اوپنر شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ميدان جي چئني پاسي اسٽروڪ کيڏيا ۽ 139 بالن تي سريلنڪا لاءِ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پهرين ڊيل سينچري اسڪور ڪئي نِسانڪا 210 رنسون ٺاهي ناقابلِ شڪست رهيو سندس اننگز ۾ ويهه چوڪا ۽ اٺ ڇڪا شامل هئا.


واضح رهي ته پاليڪي ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ون ڊي ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
سريلنڪا پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 381 رنسون ٺاهيون.
اوپنر پيٿم نِسانڪا کانسواءِ اويسڪا فرنينڊو 88، سديرا سمارا وڪرما 44 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
افغانستان جي فريد احمد 2 ۽ محمد نبي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.