8 ورهين جي محنت کان پوءِ 7 لک کان وڌيڪ ماچيس جي تيلين سان تيار ڪيل ايفل ٽاور گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
فرانس سان واسطو رکندڙ رچرڊ پلوڊ ماچيس جي تيلين سان 7.2 ميٽر بلند ايفل ٽاور تيار ڪيو هو.
اهڙي طرح هن ماچيس جي تيلين سان تيار ڪيل ڊگھي اسٽرڪچر جو عالمي رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪيو.
رچرڊ پلوڊ موجب هن 8 سالن دوران 4200 ڪلاڪ ڪم ڪيو ۽ 7 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماچيس جون تيليون استعمال ڪري اهو ٽاور تيار ڪيو.
ان ٽاور جي تياري تي 23 ڪلوگرام جو استعمال به ٿيو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته 8 سالن تائين آئون ماچيس جي تيلين مان تيار ٿيندڙ بلند ترين ماڊل تيار ڪندو رهيس.