لاهور ۾ بلاول کي وڏي ليڊ هئي، سڀ ڪم بند ڪمرن ۾ ٿيو: شيري رحمان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته لاهور مان به بلاول ڀٽو کي وڏي ليڊ هئي، سڀ چئنل هلائي رهيا هئا، سڀ ڪم بند ڪمرن ۾ ٿيو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته لاهور جو نتيجو اوچتو تبديل ٿيو آهي، جادو ته گهڻين سيٽن تي هلي رهيو هوندو پر هتي به هليو، لاهور ۾ بلاول جا ووٽ گم ڪيا ويا، اسان پٽيشن کڻي لاهور هاءِ ڪورٽ وياسين پر در نه کليو، اسان کي در کولڻ ۽ کولرائڻ به ايندو آهي.
هن چيو ته مون کي اهڙو ڪو مسئلو نظر نه آيو جو انٽرنيٽ بند ڪئي وڃي، اسان کان نتيجا ڇو لڪايا پيا وڃن؟ اين اي 127 مان بلاول جي کليل ليڊ هئي، سڀ چئنل هلائي رهيا هئا، بند ڪمرن ۾ سڀ ڪجهه ٿيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪالهه هتي جيڪو ٿيو اهو ڏسي مون کي ڌچڪو لڳو آهي، اسان ادارن جو احترام ڪيون ٿا، بلاول ڀٽو به چيو ته ڪوشش آهي ملڪ ۾ استحڪام رهي، درخواست ٿا ڪيون ته نتيجن ۾ دير نه ڪيو. اسان جا خدشا ختم ڪيو، وقت تي جيڪي نتيجا آيا، اسان اهي قبول ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.