اين اي 127 لاهور ۾ عطاءَ االله تارڙ ڪامياب، پ پ چيئرمين جو ٽيون نمبر

عطاءِ الله تارڙ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 تان ڪامياب، بلاول ڀٽو ٽئين نمبر تي رهيو
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي عطاءَ الله تارڙ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 لاهور تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميداور کي شڪست ڏئي ميدان ماري ورتو.
لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 لاهور جي 337 پولنگ اسٽيشنز جا غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن.
غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، پاڪستان نون ليگ جي عطاءَ الله تارڙ 98210 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي جڏهن ته آزاد ملڪ ظهر عباس کوکر 82230 ووٽن سان ٻئي جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽئين نمبر تي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.