ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مجلس وحدت مسلمين چيو آهي ته چونڊ عمل دوران موبائيل فون سگنل بند ٿيڻ بدنيتي آهي
پوليٽيڪل سيڪريٽري علامه مبشر حسن موجب موبائل نيٽ ورڪ بند ڪرڻ چونڊ عمل کي سست ڪرڻ جي سازش آهي، سپريم ڪورٽ فوري ڪارروائي ڪري سڄي ملڪ ۾ موبائل فون نيٽ ورڪ فوري طور تي بحال ڪري.
علامه مبشر حسن چيو ته عوام کي اپيل آهي ته وڌ کان وڌ ووٽ ڏئي پنهنجي قومي ذميواري کي پورو ڪن.