وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪيتريون سيٽون گھربل هجن ٿيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عام ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال اڀرندو آهي ته وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به جماعت کي ڪيترين سيٽن تي ضروري پوندي.
قانون موجب وفاقي ۾ اُها ئي سياسي جماعت حڪومت ٺاهي سگھندي جنهن وٽ سادي اڪثريت هوندي ۽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گڏيل طور تي 169 قومي اسيمبلي جي سيٽن جي ضرورت پوندي.
قومي جي جون عام سيٽون 266 آهن جڏهن ته عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن کي شاملو ڪري ڪُل سيٽون 336 بڻجن ٿيون.
عورتن ۽ اقليتن جون سيٽون هر جماعت کي ان جي جنرل سيٽن جي حساب سان الاٽ ڪيون وينديون آهن جيڪا سياسي جماعت جيتريون وڌيڪ جنرل سيٽون کٽيندي، ان کي عورتن ۽ اقليتن جون وڌيڪ سيٽون ملنديون.
ائين ڪنهن به سياسي جماعت کي قومي اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت لاءِ 169 سيٽون گھربل هونديون ۽ اُها حڪومت ٺاهڻ جي اهل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.