اسلام آباد (ويب ديسڪ) ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي عام چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ ۽ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي.
عام چونڊن دوران قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن لاءِ 882 عورتن ۽ 4 کدڙن فقيرن سميت ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ 17 هزار 816 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن.
اليڪشن ڪميشن ووٽنگ جو وقت شام 5 وڳي تائين برقرار رکڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته سڀني پولنگ اسٽيشنز جا در شام 5 وڳي بند ڪيا ويندا پر 5 وڳي تائين پولنگ اسٽيشن جي احاطي ۾ موجود ماڻهو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهن ٿا.
اليڪشن ڪميشن اختيارين موجب غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا 6 وڳي کانپوءِ نشر ٿي سگهندا.
نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 148 ملتان 1 جي 275 پولنگ اسٽيشنز مان ٻن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ جو يوسف رضا گيلاني 230 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ن ليگ جو احمد حسين 165 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ اين اي 150 ملتان 3 جي 341 پولنگ اسٽيشنز مان هڪ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي تحت تحريڪ انصاف جو حمايت يافته آزاد اميدوار مخدوم زين حسين قريشي 291 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي ۽ ن ليگ جو جاويد اختر 262 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ اين اي 151 ملتان 4 جي 281 پولنگ اسٽيشنز مان ٻن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ن ليگ جو عبدالغفار 341 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي ۽ تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار مهربانو قريشي 290 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 78 گوجرانوالا 2 جي 319 پولنگ اسٽيشنز مان 5 جي نتيجن موجب ن ليگ جو خرم دستگير 611 ووٽ کڻي پهرئين، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار محمد مبين عارف 597 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 6 لوئر دير 1 جي 307 مان 10 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار محمد بشير خان 2507 ووٽ کڻي پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو امير سراج الحق 1737 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 41 لڪي مروت جي 409 مان 24 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار سليم سيف الله خان 7799 ووٽن سان پهرئين ۽ آزاد اميدوار شير افضل خان مروت 5323 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 64 گجرات3 جي 358 مان 24 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوار قيصره الاهي 7073 ووٽ کڻي پهرئين، ق ليگ جو چوڌري سالڪ حسين 3295 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 71 سيالڪوٽ 2 جي 358 مان 7 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب خواجا آصف 4005 ووٽ کڻي پهرئين ۽ تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار ريحانه امتياز ڊار 3766 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 76 نارووال 2 جي 414 پولنگ اسٽيشنز مان 21 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ن ليگ جو احسن اقبال 7629 ووٽن سان پهرئين ۽ آزاد اميدوار جاويد صفدر 3427 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 119 لاهور 3 جي 338 مان 2 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ن ليگ جي مريم نواز 736 ووٽن سان پهرئين، جڏهن ته آزاد اميدوار شهزاد فاروق 308 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 120 لاهور 4 جي 229 مان 11 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ن ليگ جو اياز صادق 6399 ووٽن سان پهرئين ۽ آزاد اميدوار عثمان حمزا اعواڻ 2585 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 196 قمبر شهدادڪوٽ جي 303 مان 27 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 7134 ووٽ کڻي پهرئين ۽ جي يو آءِ جو ناصر محمود 2320 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 201 سکر 2 جي 300 مان 20 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ جو خورشيد شاهه 10414 ووٽن سان پهرئين ۽ جي يو آءِ جو محمد صالح 1409 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 216 مٽياري جي 230 مان 5 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ن ليگ جو بشير احمد 1510 ووٽن سان پهرئين ۽ پ پ جو مخدوم جميل الزمان 1385 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 50 اٽڪ جي 556 مان 13 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ٽي ايل پي جو حافظ محمد سعد 5176 ووٽ سان اڳتي، جڏهن ته آزاد اميدوار ايمان وسيم 2852 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 123 لاهور 7 جي 222 مان 23 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ن ليگ جو شهباز شريف 15133 ووٽن سان پهرئين ۽ پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار افضال عظيم 14823 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ اين 132 قصور 2 جي 342 مان 17 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب شهباز شريف 8689 ووٽن سان پهرئين ۽ آزاد اميدوار محمد حسين ڊوگر 4360 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 130 لاهور 14 جي 376 مان 22 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ياسمين راشد 6618 ووٽن سان پهرئين ۽ ن ليگ قائد نواز شريف 5277 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 15 مانسهرا تورغر جي 550 مان 50 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب نواز شريف 16231 ووٽ کڻي پهرئين ۽ پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اميدوار شهزادو محمد گشتاسپ خان 12210 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
ڪراچي جي صورتحال
ڪراچي جي تڪ اين اي 248 جي 361 مان 3 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول صديقي 859 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي ۽ آزاد اميدوار ارسلان خالد 569 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 245 ڪراچي جي 256 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سيد حفيظ الدين 170 ووٽ کڻي پهرئين، جڏهن ته آزاد اميدوار عطاالله 119 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 244 ڪراچي ويسٽ 1 جي 129 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو فاروق ستار 151 ووٽن سان پهرئين ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو ضمير حسين 31 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 241 ڪراچي ڏکڻ 3 ۾ 234 مان هڪ پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار خرم شير زمان 375 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جو نويد علي بيگ 34 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 239 ڪراچي ڏکڻ هڪ جي 181 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ جو نبيل گبول 508 ووٽن سان پهرئين ۽ آزاد اميدوار محمد ياسر 337 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 231 ملير 3 جي 215 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ جو عبدالحڪيم بلوچ 422 ووٽ کڻي پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو عمر فاروق 153 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 249 ڪراچي سينٽرل 3 جي 320 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو احمد سليم صديقي 370 ووٽن سان پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو مسلم پرويز 70 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 238 ڪراچي ويسٽ 4 جي 292 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم جو صادق افتخار 435 ووٽ کڻي پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو سيف الدين 234 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 247 ڪراچي سينٽرل 1 جي 267 مان 4 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو خواجا اظهار 1204 ووٽن سان پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو منعم ظفر خان 590 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
اين اي 236 ڪراچي ايسٽ 2 جي 294 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار محمد عالمگير خان 215 ووٽن سان پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو محمد اسامه رضي خان 83 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 250 ڪراچي سينٽرل 4 جي 307 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو فرحان چشتي 450 ووٽن سان پهرئين ۽ جماعت اسلامي جو حافظ نعيم 227 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
صوبائي اسيمبلي تڪ پي ايس 105 ڪراچي ايسٽ 9 جي 85 مان هڪ پولنگ اسٽيشن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ جو سعيد غني 520 ووٽ کڻي پهرئين ۽ جي ڊي اي جو عرفان الله خان مروت 368 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
اليڪشن 2024، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري، بلاول، مريم ۽ شهباز اڳتي
You might also like