غوثپور) ويب ڊيسڪ ) غوثپور ويجھو دڙي سندراڻي پولنگ اسٽيشن تي جي يو آءِ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن هوائي فائرنگ ڪري ڏني جنھن سبب پولنگ اسٽيشن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.
ڏنڊا بردار ماڻھن جي حملي ۾ جي يو آءِ ايجنٽ خالد اوڳاھي سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
اطلاع بعد پوليس ۽ رينجرز جي نفري واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ايمبولنس ۽ پوليس موبائيل ذريعي کڻائي ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور جي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو.
واقعي بعد پولنگ اسٽيشن دڙي سندراڻي ۾ ووٽنگ وارو سلسلو وقتي طور تي بند ڪيو ويو.
جي يو آءِ ۽ پيپلزپارٽي ڪارڪنن م ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ رتوڇاڻ جو پڻ خدشو آھي.
You might also like