پ پ چيئرمين ملڪ ۾ موبائيل فون سروس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ موبائيل فون سروس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ موبائيل فون سروس فوري طور تي بحال ڪئي وڃي.


پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن کي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موبائيل فون سان لينڊ لائين تي به ڪال نٿي ڪري سگھجي، رڳو وي پي اين ڪم ڪري رهي آهي.
ان کان اڳ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو اعلان ڪيو ته سندس حڪومت ۾ ڪو به سياسي ڪارڪن قيدي نه هوندو، پر پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي سزا ٿي چڪي آهي هو عدالت سان رابطو ڪن.
هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل سان ڪو اختلاف ناهي، ان ڪائونسل ۾ فوجي قيادت ته آهي پر ان ذريعي پهريون ڀيرو صوبائي حڪومت کي به صلاح مشورو ۾ شرڪت ڪيو ويندو جيڪا سٺي ڳالهه آهي.
بلاول چيو ته نجڪاري جي ڪوشش پرويز مشرف کان وٺي موجودا نگران حڪومت تائين سڀني ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي، نجڪاري بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽرنشپ جو تجربو سنڌ ۾ ڪامياب رهيو.
سندس چوڻ هوته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي ويهه لک گهر ٺاهي ڏنا، سموري ملڪ ۾ غريبن لاءِ ٽيهه لک گهر ٺاهينداسين ۽ کين مالڪاڻا حق ڏينداسين.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي احجاج کي نگران حڪومت منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي حڪومت ٺاهي ان معاملي تي قانون سازي ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.