ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس جي وڏي نفري اليڪشن ڊيوٽي تي هجڻ سبب شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو.
ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ سميت شهر جي مک روڊن تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي.
ٽريفڪ پوليس ترجمان موجب پوليس جي وڏي نفري اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر آهي، جنهن سبب شهر ۾ ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
ترجمان ٻڌايو ته اسان کي ايم اي جناح روڊ سميت ٻين روڊن تي ٽريفڪ جام جون شڪايتون وصول ٿيون آهن.
Next Post
You might also like