ابرارالحق چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستان گلوڪار ابرارالحق سڀاڻي 8 فيبروري تيٿيندڙ عام چونڊن تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ ابرارالحق چيو ته آئون اليڪشن نه وڙهي رهيو آهيان، آئون پنهنجا نامزدگي ڪاغذ وقت سر واپس نه وٺي سگھيس.

هن چيو ته مون لاءِ وڌيڪ ضروري هو ته آئون سنگل ووٽ جي اهميت جو پيغام اوهان تائين پهچائي سگھان، الله تعاليٰ پاڪستان ۽ پاڪستانين تي ٻاجهه ڪري.

سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيو ته ابرارالحق به هن ڀيري اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ گلوڪار اهو وضاحتي بيان جاري ڪيو.

واضح رهي ته 2023ع ۾ 9 مئي جي پُرتشدد واقعن کان پوءِ گلوڪار ابرارالحق پاڪستان تحريڪ انصاف کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.